سائيٽ نمبر

سائيٽ نمبر- 2، 3، 4 ۽ 5 رنيڪوٽ: هي ماڳ سن شهر جي سامهون رني ڪوٽ اندر ضلعي ڄام شوري ۾ آهن. هنن ماڳن تي تفصيلي ڪم بدر ابڙي ڪيو آهي. هي ڌاتو پٿر جي دور جون اڏاوتون آهن.
سائيٽ نمبر-2: ميري ڪوٽ جي اوڀر ۾ ٻن ڪلوميٽرن ۽ ’واگھو تڙ‘ جي اتر ۾ ھڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي آھن. ھتي ٻن ڪمرن جا آثار مليا آھن. ھي مقامي پٿر جون اڏاوتون آھن. ھڪ ڪمرو ھال وانگر آھي. ان جي چوڌاري به ٺڪراٺو موجود آھي. ھن پوري علائقي ۾ ٺڪراٺو جام آھي.
سائيٽ نمبر-3 رنيڪوٽ: اصحابين جي قبرن جي ويجھو اوڀر ۾ چئن يا پنجن ڪمرن جي اڏاوتن جا نشان ملن ٿا. ھتي ايترو ٺڪراٺو ملي ٿو، ڄڻ ڪنھن سڄي آويءَ جا ٺِڪر ڀڳا ويا هجن. ھڪ ڪمري ۾ محراب جا نشان ملن ٿا. هتي اڏاوتن جون پيڙھون مضبوط آھن. هتي پٿرن جا پتا ۽ ڇلڪا موجود آھن، جيڪي تراشيل آھن. ائين ٿو لڳي ته ھتي اوائلي انسان پٿرن مان اوزار ٺاھيا آھن، جن کي ٺاھيندي ڪي ڀڄي پيا آھن. وٿن مان ھي ماڳ ڌاتو پٿر دور جو لڳي ٿو. هتي سنڌو تھذيب سان ڀيٽڻ جھڙو ٺڪراٺو به ملي ٿو. ڪجھه ٺڪراٺو آمري تھذيب سان به ڀيٽي سگھجي ٿو.
سائيٽ نمبر-4 رنيڪوٽ: رنيڪوٽ جي ڏاکڻي ديوار جي برج نمبر 21-22 وٽ وڏو ميدان آھي. اتي ٻن آبادين جا نشان ملن ٿا. اتي ڪريل پٿر ٻڌائين ٿا ته هي ماڳ رني ڪوٽ جي ٻين حصن کان الڳ آھي. هتي ديوار آهي، جيڪا صرف پٿر رکي کڙي ڪئي وئي آهي. ھي حصو ڄڻ کيرٿر جي حصي جو ڏيک ڏئي ٿو. اھڙي قسم جي ديوار نئينگ وٽ به آھي.
سائيٽ نمبر-5 رنيڪوٽ: رنيڪوٽ جي اترئين دروازي ’ٻُڌيه موريءَ‘ کان ٻه ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ رني ڪوٽ کان ٻاھر، تونگ ڍوري جي وٽ سان، ھڪ ڪمري جي اڏاوت جا نشان ملن ٿا. ائين ٿو لڳي ڄڻ تونگ ڍوري جي نگھبانيءَ لاءِ هيءَ اڏاوت ٺھيل ھئي. ھتي به ٺڪراٺو جام ملي ٿو.
ھنن مڙني ماڳن تي انساني زندگيءَ جا سڀئي دور ملن ٿا. قلعي ۾ ٽالپرن کان وٺي اوائلي اسلامي دور، قديم پٿر جي دور، ڌاتو پٿر دور جا آثار آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو